اجازت کان سواءِ ڪو به ڌرڻو نٿو ڏئي سگھي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 9, 2019

demo-image

اجازت کان سواءِ ڪو به ڌرڻو نٿو ڏئي سگھي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

islamabad-1
islamabad-1

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته اجازت کان سواءِ ڪو به ڌرڻو نٿو ڏئي سگھي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مولانا فضل الرحمان جي حڪومت مخالف لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي خلاف داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڌرڻي وارن اسلام آباد انتظاميا کان ڌرڻي جي اجازت ورتي آهي؟

درخواست گذار حافظ احتشام ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان 27 آڪٽوبر   تي لانگ مارچ ڪيو آهي جنهن جي اجازت ناهي ورتي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊيموڪريسي پارڪ کي ڌرڻي لاءِ مختص ڪيو هو  ۽ سپريم ڪورٽ به فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ واضح هدايتون جاري ڪيون آهن.

هي به پرهي سگھو ٿا: ناميارو صحافي، اديب ۽ ليکڪ اسلم آزاد لاڏاڻو ڪري ويو

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته پي ٽي آءِ وقت به ڊپٽي ڪمشنر کي ان وقت اسان پابند ڪيو هو ته ڌرڻي وارا اجازت وٺن نه ته نٿا ڪري سگھن، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جو ڪم آهي ته هو ڌرڻي کي ريگيوليٽ ڪري، اوهان جي درخواست وقت کان اڳ آهي ڇو جو هنن به اجازت نه گھري نه ئي ڀڃڪڙي ڪئي، قانون تي عمل ڪرائڻ اسلام آباد انتظاميا جي ذميواري آهي، اڃا ڪجهه به ناهي ٿيو ۽ اجازت کان سواءِ ڪو به ڌرڻو نٿو  ڏئي سگھي، احتجاج بنيادي حق آهي پر ان سان شهرين کي پريشاني نه ٿيڻ گھرجي.

عدالت درخواست گذار کي وڪيل ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري  ڇڏي.

The post اجازت کان سواءِ ڪو به ڌرڻو نٿو ڏئي سگھي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages