

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪارا ۽ اداڪارا رابي پيرزادا جيتوڻيڪ هن وقت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف سوشل ميڊيا تي گھڻي سرگرم نظر اچي رهي آهي.
پر هاڻ هن ملڪ ۾ اهم ترين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي وزيراعظم عمران خانن کي اهم مشورا ڏنا آهن جن تي هن جون تعريفون ٿي رهيون آهن.
تازو ئي رابي پيرزادا “نانگ” ۽ “واڳو” گھر ۾ رکڻ سبب خبرن جي سرخين ۾ رهي هئي ۽ کيس جا ان ڪيس ۾ عدالت گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا هئا.
پر هاڻ رابي پيرزادا وزيراعظم کي اهم مشورو ڏيڻ سبب خبرن ۾ آهي ۽ ماڻهو هن جي ذهانت جي تعريف ڪري رهيا آهن.
رابي پيرزادا وزيراعظم عمران خان کي ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ جو مشورو ڏيندي کيس ياد ڏياريو ته وزيراعظم کي خبر هجڻ گھرجي ته پاڪستاني عوام پينو نه آهي.
گلوڪارا ٽوئيٽ ذريعي وزيراعظم عمران خان کي اسلام آباد ۾ سيلاني ماڊل لنگر خانا کولڻ کان پوءِ مشورو ڏيندي چيو ته اهو مسئلو ٻين طريقن سان به حل ٿي سگھي ها.
هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم کي مشورو ڏنو ۽ لکيو ته خان صاحب تمام سٺو ڪم آهي بکايل کي ماني کارائڻ، پر جيڪڏهن ان ئي لنگر تي ماني کائڻ بدران اوهان ان لنگر تي ماڻهن کي نوڪريون ڏيو ها ته ماڻهو محنت ڪري کائڻ سکن ها.
گلوڪارا وزيراعظم کي مخالطب ڪندي وڌيڪ لکيو ته اوهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو، عوام پينو نه آهي، عوام ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، گھڻي بيروزگاري آهي هتي.
گلوڪارا ۽ اداڪارا طرفان عمران خان کي ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ جو مشورو ڏيڻ تي گھڻن ماڻهن هن جي ٽوئيٽ جي تعريف ڪئي.
پر ڪجهه ماڻهن اها نشاندهي به ڪرائي ته لکين اهڙا ماڻهو آهن جيڪي عمر وڌڻ ۽ بيمارين سبب ڪو به ڪم نٿا ڪري سگھن، ان ڪري اهڙا لنگر خانا به لازمي آهن.
پنهنجي ٽوئيٽ تي گھڻن ماڻهن طرفان تعريف ٿيڻ ۽ سوالن ڪرڻ کان پوءِ اداڪارا هڪ ٻيو ٽوئيٽ ڪيو ۽ ٻڏايو تهه هن رڳو وزيراعظم کي مشورو ڏنو آهي ۽ عمران خان کي خبر آهي ته گھڻا پڙهيل لکيل ماڻهو بيروزگار آهن.
هي به پڙهي سگھو ٿا: اداڪارا رابي پيرزادا جا گرفتاري وارنٽ جاري
اداڪارا مداحن کي ٻڌايو ته هن وٽ سڀني ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏيڻ جو وقت ناهي.
گڏ ئي گلوڪارا انڪشاف ڪيو ته هن اڳ ئي پنهنجي اڌ ڪمائي غريب ٻارن جي تعليم ۽ غريب ماڻهن کي کاڌو کارائڻ تي خرچ ڪيا آهن.
The post رابي پيرزادا جا عمران خان کي مشورا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment