نواز شريف طرفان آزادي مارچ جي حمايت، شهباز شريف ڪاوڙجي پيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 10, 2019

demo-image

نواز شريف طرفان آزادي مارچ جي حمايت، شهباز شريف ڪاوڙجي پيو

nawaz-shahbaz
nawaz-shahbaz

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي تاحيات قائد نواز شريف جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي آزادي مارچ ۾ حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

ڪيپٽن (ر) صفدر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪردار ادا ڪيو، هن مولانا فضل الرحمان جو خط نواز شريف کي پهچايو، جڏهن ته نواز شريف جو جوابي خط مولانا فضل الرحمان تائين پهچايو.

ان ڏس ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سندس ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جو چوڻ هو ته سهري فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي آهي، فضل الرحمان آزادي مارچ جو گهوٽ آهي ۽ اسان ساڻس گڏ آهيون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: جهڙي غلط طريقي سان حڪومت آئي، اهڙي ئي طرح هلي ويندي: مريم نواز

هن چيو ته ن ليگ جا سمورا اڳواڻ نواز شريف جي قيادت ۾ متحد آهن، نواز شريف ۽ مريم نواز پرعزم آهن ۽ مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ن ليگ صدر شهباز شريف ڪيپٽن (ر) صفدر طرفان آزادي مارچ ۾ شرڪت جي اعلان تي ڪاوڙجي ويو آهي.

ذريعن موجب شهباز شريف کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪرڻي هئي پر هو نه پهتو، حقيقت ۾ هو مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ شرڪت جي اعلان تي ڪاوڙيل آهي.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري کي فضل الرحمان سان رابطن ۽ کيس ڌرڻي کان روڪڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.

وزيراعظم عمران خان مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه ۽ ڌرڻي کان روڪڻ جو ٽاسڪ ڏنو.

وزيراعظم ڌرڻي بابت سموري ڄاڻ طلب ڪندي ان کي روڪڻ يا منهن ڏيڻ جي حوالي سان سفارشون تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

ذريعن موجب وزيراعظم طرفان ذميواري ملڻ کانپوءِ نور الحق قادري طرفان مولانا فضل الرحمان سان جلد رابطي جو امڪان آهي.

The post نواز شريف طرفان آزادي مارچ جي حمايت، شهباز شريف ڪاوڙجي پيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages