تصوير شيئر ڪرڻ تي جينيفر لوپيز ڏچي ۾ پئجي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 10, 2019

demo-image

تصوير شيئر ڪرڻ تي جينيفر لوپيز ڏچي ۾ پئجي وئي

jennifer-lopez
jennifer-lopez

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪارا ۽ گلوڪارا جينيفر لوپيرز هونئن ته وڏي عمر ۾ به پنهنجي بولڊ پرفارمنس، فٽنيس ۽ انداز سبب خبرن ۾ رهندي آهي پر هاڻ سندس تي 2 ڪروڙ 35 لک رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب جينيفر لوپيز تي هڪ نيوز اينڊ فوٽوگراف ايجنسي تصوير شيئر ڪرڻ تي ڏيڍ لک آمريڪي ڊالرن يعني پاڪستاني 2 ڪروڙ 35 لکن کان وڌيڪ ڏنڊ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

پرڏيهي خابرو ويب سائيٽ موجب جينيفر لوپيز تي آمريڪي نيوز اينڊ فوٽوگراف ايجنسي “اسيلاش” اجازت کان سواءِ پنهنجي ۽ پنهنجي مڱيندي جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو.

ايجنسي طرفان مقامي عدالت ۾ گلوڪارا خلاف ڪاپي رائيٽس تحت ڪيس داخل ڪندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جينيفر لوپيز پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هنن جي هڪ پراڻي تصوير شيئر ڪئي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ساک کي نقصان پهچائڻ وارو ڪيس: ميشا شفيع جا شاهد هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيا

ايجنسي موجب جينيفر لوپيز “اسپلاش” جي ملڪيت رهندڙ 2017ع جي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ گلوڪارا کي پنهنجي مڱيندي ايکلس رپڊ رگيوز سان گڏ رومانوي انداز ۾ ڏسي سگھي ٿو.

ايجنسي جنهن تصوير کي شيئر ڪرڻ تي گلوڪارا خلاف ڪيس داخل ڪيو، اها 2017ع جي جڏهن ٻنهي جي مڱڻي نه ٿي هئي ۽ ٻنهي وچ ڻ۾ رومانوي لاڳاپن جون خبرون سامهون اچي رهيون هيون.

تصوير ۾ ٻنهي کي رومانوي انداز ۾ هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي گهمندي ڏسي سگھجي ٿو.

jennifer-lopez-with-his-feo

ان کان پوءِ جينيفر لوپيز ايلڪس روڊ رگويز سان هلندڙ سال مارچ ۾ مڱڻي ڪئي هئي ۽ جلد ئي ٻنهي شادي ڪرڻ جو ارادو به ڪيو آهي.

اسپلاش نيوز سموري دنيا جي نشرياتي ادارن، ويب سائيٽس ۽ اخبارن کي تصويرون ۽ خبرون پيسن  عيوض وڪرو ڪندي آهي ۽ اها ايجنسي مشهور شخصيتن جون گھڻيون خاص تصويرون ڪڍڻ جي حوالي سان شهرت رکندڙ آهي.

 

The post تصوير شيئر ڪرڻ تي جينيفر لوپيز ڏچي ۾ پئجي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages