ڪي پي ۾ تعليم جو قلمدان ميٽرڪ پاس شخص حوالي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

demo-image

ڪي پي ۾ تعليم جو قلمدان ميٽرڪ پاس شخص حوالي

akbar-ayub
akbar-ayub

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) تبديلي سرڪار خيبر پختونخواهه ۾ ميٽرڪ پاس شخص کي تعليم واري وزير قلمدان ڏئي ڇڏيو.

خيبر پختونخواهه جي ڪابينا ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي، جنهن موجب اڪبر ايوب هاڻ تعليم کاتي جو وزير هوندو، جيڪو پاڻ ميٽرڪ پاس آهي.

ڪي پي اطلاعات واري وزير شوڪت يوسفزئي ميٽرڪ پاس وزير جي مقرري جو بچاءُ ڪندي چيو آهي ته جيتوڻيڪ اڪبر ايوب جي تعليم ميٽرڪ آهي پر ان کان اڳ جيڪي وزير هوندا هئا، انهن جي تعليم پرائمري هوندي هئي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي وڌيڪ چيو ته اڪبر ايوب باصلاحيت آهي، تعليم کاتي کي هلائڻ لاءِ جيڪا صلاحيت هجڻ گهرجي، اها اڪبر ايوب وٽ آهي، هو ان کان اڳ به هڪ کاتو هلائي چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته جمهوريت ۾ تعليم لاءِ ڪنهن قسم جي پابندي ناهي هوندي پر کاتو هلائڻ لاءِ وزير ۾ صلاحيت هجڻ گهرجي.

The post ڪي پي ۾ تعليم جو قلمدان ميٽرڪ پاس شخص حوالي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages