فضائي آلودگي جا انساني صحت تي پوندڙ خطرناڪ اثر…! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

demo-image

فضائي آلودگي جا انساني صحت تي پوندڙ خطرناڪ اثر…!

air-pollution
air-pollution

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) فضائي گدلاڻ سان ساهه، دل جي مرضن، دماغي ۽ نفسياتي عارضن تي يقيني تحقيق ٿي چڪي  آهي، هاڻ ماهرن جو چوڻ آهي ته گدلي هوا انساني هڏن کي به ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي.

ماهرن جو خيال آهي ته اڍائي مائيڪرو ميٽر جا فضائي ذرڙا جن کي پي ايم 2.5 به چيو ويندو آهي اهي انساني دل، ڦڦڙن، گڙدن، اکين، دماغ ۽انساني صحت لاءِ  ته هاڃيڪار آهن ۽  فضائي گدلاڻ سان هڏن جي اندر جي معدنيات ڪمزور ٿي ويندي آهي.

ان ڏس ۾ اسپين جي شهر بارسلونا ۾ صحت جي عالمي اداري سان واسطو رکندڙ اداري جي ماهر ڪيٿرين ٽون ڀارتي شهر حيدرآباد کان ٻاهر 23 الوده هنڌن جو جائزو ورتو ۽ 3700 ماڻهن جي طبي آزمائش ڪئي. انهن ماڻهن جي هڏن ۾ موجود معدنيات جي کوٽ جون مروجه ٽيسٽيون به ڪيون ويون. ان ٽيسٽ ۾ ڪلهن ۽ ڪرهنگي جي هڏي ۾ موجود منرلز کي نوٽ ڪيو ويندو آهي. ان ٽيسٽ ذريعي جوڙن جي سور جي اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي.

مطالعي جي نتيجن مان خبر پئي ته جيڪڏهن هڪ چورس ميٽر ۾ اڍائي مائيڪرو ميٽر ذرڙن جو مقدار 32.8 مائيڪرو گرام تائين هجي ته اها گدلاڻ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي معيار کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي.

ڪيٿرين ۽ هن جي ساٿين محتاط انداز کان پوءِ ڪاٿو لڳايو آهي ته پي ايم 2.5 جو مقدار فضا ۾ رڳو ٽئي مائيڪرو گرام وڌندو ته ان سان مردن ۽ عورتن جي ڪرنگھي جي هڏي جي مضبوطي يا (منرل ڊينسٽي) ۾ 1.011 گرام في چورس سينٽي ميٽر ۽ ڪلهن ۾ 0.004 گرام في چورس سينٽي ميٽر کوٽ ٿي ويندي. اهڙيءَ طرح گدلي هوا ۾ اڏامندڙ ڪارا ڪاربن ا ذرڙا به هڏن کي هلڪو ۽ ڪمزور بڻائي سگھن ٿا.

پاڪستان، هندستان ۽ آفريقا ۾ ماڻهو گھرن ۾ پچائڻ لاءِ ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو استعمال ڪندا آهن. ان سان چار ديواري اندر گدلان وڌي ويندي آهي ۽ ڪاري دونهين ۾ اڍائي مائيڪرو گرام جا مخصوص ذرڙا پيدا ٿيندا آهن. اها آلودگي هوريان هوريان جسم ۾ داخل ٿي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين کي جنم ڏيندي آهي ۽ هڏن کي ڪمزور ڪندي رهندي آهي.

اُسريل ملڪن ۾ ٽريفڪ ۽ صنعتن جي گدلاڻ فضائي گدلاڻ جي مرڪزي سببن مان هڪ آهي. سال 2017ع ۾ به آمريڪي شهر بوسٽن ۾ پوڙهن ماڻهن تي اهڙي ئي تحقيق ڪئي وئي هئي ۽ ان مان به آلودگي ۽ هڏن وچ ۾ واسطو دريافت ڪيو ويو هو.

 

 

The post فضائي آلودگي جا انساني صحت تي پوندڙ خطرناڪ اثر…! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages