آرمي چيف رڳو تحريڪ انصاف نه پر سڄي ملڪ جو آهي: غلام سرور - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

demo-image

آرمي چيف رڳو تحريڪ انصاف نه پر سڄي ملڪ جو آهي: غلام سرور

Ghullam-Sarwar
Ghullam-Sarwar

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هوابازي بابت وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته آرمي چيف تحريڪ انصاف جو نه سڄي ملڪ جو آهي، هر ننڍي توڙي وڏي جماعت کي آرمي چيف جي معاملي تي ساٿ ڏيڻ گهرجي.

پنهنجي بيان ۾ غلام سرور خان جو چوڻ هو ته سڀ سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هر ننڍي توڙي وڏي جماعت کي آرمي چيف جي معاملي تي ساٿ ڏيڻ گهرجي، اسان کي هڪ هاڪاري پيغام ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سياسي پارٽين کي هڪ هجڻ گهرجي، اميد ته بل پارليامينٽ ۽ سينيٽ مان پاس ٿي ويندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي پاسن کان ٻاهه ٻريل آهي، فضل الرحمان جي ڌرڻي ڪشمير معاملي کي وڏو نقصان پهچايو.

The post آرمي چيف رڳو تحريڪ انصاف نه پر سڄي ملڪ جو آهي: غلام سرور appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages