تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ منهنجي اچڻ کان اڳ ئي ڪم ختم ڪري ڇڏيو…؟ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

demo-image

تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ منهنجي اچڻ کان اڳ ئي ڪم ختم ڪري ڇڏيو…؟

bilawal-bhutto-zardari
bilawal-bhutto-zardari

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ آرمي ايڪٽ بل ۾ پارلياماني قاعدن کي نظرانداز ڪرڻ چاهين ٿيون.


سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي بلاول ڀٽو زرداري لکيو ته جڏهن مان اسلام آباد پهتس ته ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف آرمي ايڪٽ ۾ غير مشروط حمايت ڪري ايوانن مان منظوري جو فيصلو ڪري چڪيون هيون، ٻئي جماعتون فيصلو ڪري چڪيون هيون ته پارلياماني قاعدن ۽ ضابطن کي نظرانداز ڪيو ويندو ۽ بل نه سمورن اسيمبلي ميمبرن کي ڏنو ويندو ۽ نه اهو ڪميٽي کي ڏسڻ لاءِ موڪليو ويندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سينيٽ ڪميٽي آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتا

سندس چوڻ هو مان خوش آهيان ته سڀ پارٽيون بل کي واپس قومي اسيمبلي جي ڪميٽي ۾ موڪلڻ تي متفق ٿيون، ٻنهي ايوانن جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري سان اهو بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ به نظرثاني لاءِ ويندو.


هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ کان اختيار وٺندڙ سمورا ادارا پارلياماني بالادستي کي قبول ڪري اسان سان قانون سازي جو چئي رهيا آهن، اهو هاڪاري عمل آهي ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصو غير فعال رکي ويندڙ پارليامينٽ قانون سازي لاءِ تيار آهي.


بلاول ڀٽو زرداري موجب اهي انهن لاءِ اهم ڪاميابيون آهن، جيڪي پارلياماني بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ سدائين جدوجهد ڪندا رهندا آهن.

The post تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ منهنجي اچڻ کان اڳ ئي ڪم ختم ڪري ڇڏيو…؟ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages