

لاهور (ويب ڊيسڪ) وومين ڊيموڪريٽڪ فورم بلوچستان جي صدر ۽ گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل ايڊووڪيٽ جليلا حيدر کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪيو ويو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب ايف آءِ اي واچ لسٽ ۾ نالو شامل هجڻ تي جليلا حيدر کي لاهور ايئرپورٽ تي روڪي ورتو.
ذريعن موجب جليلا حيدر لنڊن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهي هئي، کيس حڪومت مخالف سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي ٻاهر نه وڃڻ ڏنو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ جليلا حيدر کي ڇڏي ڏنو.
The post وومين ڊيموڪريٽڪ فورم بلوچستان جي صدر کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪيو ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment