

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ جا تفصيل گهرو وزارت کان ٽن ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا.
رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ن ليگ سينيٽر جاويد عباسي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي کانپوءِ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ ڪيترن ئي دهشتگردي جي واقعن جي هڪ شخص ذميواري قبول ڪئي، آپريشن کانپوءِ چيو ويو ته دهشتگرد پڪڙيو ويو آهي ته ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ هزارين نوجوان شهيد ٿيا، هو اهڙا اهڙا الزام هڻي رهيو آهي سڀاڻي ڪنهن دشمن ملڪ جي هٿ لڳي ويو ته ڇا ٿيندو؟ اهو گهرو وزارت ۽ حڪومت جو ڪم هو پر 4 ڏينهن کان خاموشي آهي، حڪومت ان حوالي سان جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
جاويد عباسي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ ۽ مبينا آڊيو پيغام جو نوٽيس وٺندي ٽن ڏينهن ۾ ان جي فرار ٿيڻ جا تفصيل گهرو وزارت کان گهري ورتا.
سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته هي اهو شخص آهي، جنهن منهنجي سِر جي قيمت هڪ ارب رپيا لڳائي هئي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان هڪ مبينا آڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هو سرڪاري تحويل مان فرار ٿي ويو آهي.
The post گهرو وزارت کان احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ جا تفصيل طلب appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment