

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) کنڊ درآمد ڪرڻ جي تجويز رد ڪندي کنڊ برآمد ڪرڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي.
ذريعن موجب ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ کنڊ درآمد ڪرڻ جي تجويز رد ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه مستحڪم رکڻ لاءِ کنڊ برآمد ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
اقتصادي رابطا ڪميٽي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي کنڊ جي اگهن جي سخت مانيٽرنگ ڪرڻ ۽ ان جي ذخيري اندوزي روڪڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي سخت قدمن کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي پر اي سي سي طرفان چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن سطح تي صنعت واري وزارت کنڊ جي درآمد جي ضرورت محسوس ڪري ته ٻيهر سمري آندي وڃي.
اي سي سي جو چوڻ هو ته ان وقت ملڪ ۾ کنڊ جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن.
The post اي سي سي کنڊ درآمد ڪرڻ جي تجويز رد ڪندي برآمد تي به پابندي لڳائي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment