ظفر مرزا ۽ زلفي بخاري جي ووهان ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن کي آٿت - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, February 10, 2020

demo-image

ظفر مرزا ۽ زلفي بخاري جي ووهان ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن کي آٿت

pak-china-1
pak-china-1

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگارن ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ زلفي بخاري چين ۾ موجود پاڪستاني شاگردن کي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي.

صحت بابت خاص مددگار ظفر مرزا ۽ سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي بخاري چين ۾ موجود پاڪستاني شاگردن سان ويڊيو ڪال تي گفتگو ڪئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو توهان کي خاطري ٿو ڪرايان ته توهان جي تڪليف جو اسان کي احساس آهي، اسان اڄ چيني سفير سان تفصيلي ملاقات ڪئي آهي ۽ صورتحال جو هر رُخ کان جائزو وٺي رهيا آهيون، چيني سفير سان ملاقات ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ووهان ۾ پاڪستاني شاگردن جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

هن چيو ته مان ڪيترن ئي ڏينهن کان سُمهي ناهيان سگهيو، مون کي توهان جي ڏاڍي ڳڻتي آهي، وزيراعظم توهان جي سار سنڀال لاءِ خاص هدايتون ڪيون آهن، شاگردن لاءِ سولائيون پيدا ڪرڻ خاطر هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستاني حڪومت، اسان جو سفارتخانو ۽ چيني حڪومت توهان کي اڪيلي نه ڇڏيندي.

سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال جي گهڙي گهڙي نگراني ڪئي پئي وڃي، مناسب سمجهيو سين ته شاگردن کي ووهان مان ڪڍڻ ۾ هڪ لمحي جي به دير نه ڪنداسين پر في الحال هوبئي صوبي ۾ چيني ضابطي موجب ڪو شخص صوبي کان اندر يا ٻاهر نٿو وڃي سگهي.

ان کان اڳ ظفر مرزا ۽ زلفي بخاري اسلام آباد ۾ چيني سفير يائو جنگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چين ۾ موجود پاڪستانين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ تي صلاح مشورو ڪيو ويو.

The post ظفر مرزا ۽ زلفي بخاري جي ووهان ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن کي آٿت appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages