ڀارت اندرين ڏکيائين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پلواما جهڙو ڊرامو ڪري سگهي ٿو: پرڏيهي وزير - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, February 10, 2020

demo-image

ڀارت اندرين ڏکيائين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پلواما جهڙو ڊرامو ڪري سگهي ٿو: پرڏيهي وزير

qureshi-1
qureshi-1

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ صنعتڪارن سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي قدمن سبب والاريل ڪشمير جي معيشت کي ٻه ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 6 مهينن ۾ 4 لک ماڻهو بي روزگار به ٿيا آهن.

هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن سبب ڀارت ۾ به معاشي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي آهي، خدشو آهي ته ڀارت اندرين ڏکيائين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پلواما جهڙو ڊرامو ڪري سگهي ٿو، ڀارت فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو.

واپارين جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته خواهش آهي اقتصادي ڊپلوميسي ذريعي واپارين جي خدمت ڪري سگهون، جائزو وٺنداسين ته واپارين لاءِ ڇا ڪري سگهون ٿا، اڪنامڪ ڊپلوميسي منهنجي ترجيح آهي، پرڏيهي وزارت جا دَر کليل آهن، واپاري اچن ۽ پارٽنرشپ ڪن.

The post ڀارت اندرين ڏکيائين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پلواما جهڙو ڊرامو ڪري سگهي ٿو: پرڏيهي وزير appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages