ڪورونا وائرس: وفاقي حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان جوڙڻ جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, February 10, 2020

demo-image

ڪورونا وائرس: وفاقي حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان جوڙڻ جو فيصلو

coronavirus
coronavirus

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس بابت نيشنل ايڪشن پلان لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

چيني شهر ووهان مان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس سبب هيل تائين 9 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين متاثر ٿي چڪا آهن.

آمريڪا، برطانيا، جاپان ۽ ٿائلينڊ سميت 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ به ڪيترائي شڪي مريض سامهون آيا آهن پر انهن مان ڪنهن ۾ به وائرس جي تصديق ناهي ٿي.

وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس بابت نيشنل ايڪشن پلان لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي صوبن ۽ ٻين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي.

ذريعن موجب ڪورونا وائرس بابت ايڪشن پلان جوڙڻ تي عالمي ادارن سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي، جن ايڪشن پلان تي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪشن پلان ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي ويندي.

The post ڪورونا وائرس: وفاقي حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان جوڙڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages