

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ملڪي سياسي جماعتن جي آمدني ۽ خرچن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي آمدني ۾ گهٽتائي ۽ خرچن ۾ واڌ ٿي آهي.
اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن جي مالي سال 19-2018 جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا آهن، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 125 کان وڌيڪ رجسٽرڊ سياسي جماعتن مان 82 تفصيل جمع ڪرايا.
اي سي پي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب تحريڪ انصاف 22 ڪروڙ 53 لک رپين جي ماليت جا اثاثا ظاهر ڪيا.
تحريڪ انصاف جي اثاثن ۾ گذريل هڪ سال دوران 9 ڪروڙ رپين جي گهٽتائي ٿي ۽ خرچ آمدني کان وڌيڪ ٿيا.
تفصيلن موجب هڪ سال ۾ تحريڪ انصاف 50 ڪروڙ 87 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ کي 47 ڪروڙ رپين جي ماليت جا فنڊ وصول ٿيا.
تحريڪ انصاف کي آمريڪا، برطانيا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا مان سمنڊ پار پاڪستانين 11 ڪروڙ رپين جا فنڊ موڪليا.
پارٽي چيئرمين عمران خان حلفي بيان جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو ته اثاثن جا درست تفصيل جمع ڪرايا آهن، پي ٽي آءِ کي پابندي پيل ذريعن کان ڪا فنڊنگ نه ٿي.
اليڪشن ڪميشن موجب پ پ پارليمينٽرينز وٽ 16 ڪروڙ رپين جو بئنڪ بيلنس ۽ 70 لک 16 هزار رپين جي ماليت جا اثاثا آهن.
پ پ کي هڪ ڪروڙ 35 لک رپين جي آمدني ٿي، جڏهن ته خرچ 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهيا.
اي سي پي جي انگن اکرن موجب ن ليگ به آمدني کان وڌيڪ خرچ ڪيا، ن ليگ جي هڪ ڪروڙ 55 لک رپيا آمدني، جڏهن ته 20 ڪروڙ رپين جي خرچ ٿيا، ان جي اثاثن جي ماليت 8 ڪروڙ 17 لک رپيا آهي.
شيخ رشيد جي عوامي مسلم ليگ غريب ترين سياسي جماعتن ۾ شامل آهي، جنهن جي اڪائونٽ ۾ رڳو اڍائي لک رپيا موجود آهن، جڏهن ته بلوچستان عوامي پارٽي وٽ 2 لک 31 هزار رپين جو بئنڪ بيلنس آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ 4 ڪروڙ 19 لکن جا اثاثا آهن، ايم ڪيو ايم چندي جي مد ۾ 4 ڪروڙ 79 لک رپيا گڏ ڪيا.
اهڙي ريت جماعت اسلامي 90 لک 18 هزار رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي، جڏهن ته ق ليگ وٽ 4 ڪروڙ 99 لک رپين جي ماليت جا اثاثا آهن.
The post سياسي جماعتن جي اثاثن جا تفصيل جاري، تحريڪ انصاف سڀني کي مات ڏئي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment