”سي ڊي اي اسلام آباد جو ماسٽر پلان ۽ ماحول تباهه ڪري ڇڏيو“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, August 13, 2020

demo-image

”سي ڊي اي اسلام آباد جو ماسٽر پلان ۽ ماحول تباهه ڪري ڇڏيو“

ihc
ihc

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) اسلام آباد جو ماسٽر پلان ۽ ماحول تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ زمينن تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اميد نه هئي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي هوندي زمينن تي قبضا ٿيندا، 1400 چورس ميل جو تخت گاهه آهي، جتي ڪو قانون ئي ناهي.

هن چيو وزيراعظم درست چئي ٿو ته ادارن کي مافيا ڪنٽرول ڪري رکيو آهي ۽ اسلام آباد ان جو بهترين مثال آهي، اسلام آباد کي تورا بورا بڻايو ويو آهي.

چيف جسٽس چيو ته زمينن تي قبضي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس استعمال ٿيندي آهي ۽ فرنٽ مين ذريعي ڪم ٿيندو آهي، ڇا روينيو، سي ڊي اي ۽ پوليس آفيسرن جي ملي ڀڳت کانسواءِ قبضا ممڪن آهن؟

هن چيو ته زمينن تي قبضن جي ڪيسن ۾ سڀ کان وڌيڪ اوور سيز پاڪستاني متاثر آهن، سي ڊي اي سرڪار جي زمين ڪنهن ٻئي کي ڏئي رهي آهي، ماحولياتي تباهي ٿي رهي آهي، اسلام آباد ۾ وڻ وڍجي رهيا آهن ۽ اهو سڀ طاقتور ماڻهو ڪري رهيا آهن.

جسٽس اطهر من الله چيو ته پنجاب ڪجهه قدم کنيا ته زمينن تي قبضو نه ٿئي پر اسلام آباد ۾ ڄاڻي واڻي کليل ڇوٽ ڏني وئي، اسلام آباد ۾ طاقتور جو غير قانوني ڪم ٿئي ته چون ٿا ريگولرائز ڪري ڇڏيو، ڇا اسان آئيني عدالتون بند ڪري ڇڏيون؟

هن چيو ته روز ڪيس اچي رهيا آهن، غريب کي مجبور ڪيو ويندو آهي ته اهو زمين طاقتور کي ڏئي، سڄي نظام جو بنياد ڪرپشن تي آهي، سي ڊي اي به سهولتڪار آهي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب، ڇا توهان ڪڏهن جاچ ڪئي ته زمينن جي قبضي جا ڪيترا ڪيس آهن؟ زمينن تي قبضي جي جاچ ايف آءِ اي کي ڪرڻي آهي، جنهن جا آفيسر پاڻ زمينون کپائي رهيا آهن.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته گهرو وزارت، آءِ بي جون پنهنجون هائوسنگ سوسائٽيون آهن، ڇا اهي ڪم ڪري سگهن ٿا؟ سڀ ماڻهو ان نظام جي تباهيءَ جا ذميوار آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر کي چيو ته سڀاڻي کان ڪا شڪايت نه اچڻ گهرجي ته ڪنهن تي زمين تي قبضو ٿيو، ڪنهن جي زمين تي قبضو ٿيو ته ڊي سي، مختيارڪار ۽ ايس ايڇ او ذميوار هوندا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سي ڊي اي اسلام آباد جو ماسٽر پلان ۽ ماحول تباهه ڪري ڇڏيو.

عدالت پڇيو ته ايف آءِ اي ڪنهن قانون تحت هائوسنگ سوسائٽي هلائي رهي آهي؟ ڇا ڊي سي ڪڏهن پچيو ته غير قانوني هائوسنگ سوسائٽي ڇو هلي رهي آهي؟

ڊي سي اسلام آباد ٻڌايو ته سينيٽ، قومي اسيمبلي، گهرو، ڪامرس وزارتن جون هائوسنگ سوسائٽيون غير قانوني آهن، ذميواري کڻان ٿو ته اڳتي زمينن تي قبضي جي ڪا شڪايت نه هوندي.

The post ”سي ڊي اي اسلام آباد جو ماسٽر پلان ۽ ماحول تباهه ڪري ڇڏيو“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages