

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) آءِ جي سنڌ جي معاملي تي جاچ ۾ سامهون ايندڙ اڳڀرائي کي جمهوري قوتن جي فتح قرار ڏئي ڇڏيو.
پي ڊي ايم ترجمان ميان افختار حسين چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ انڪوائري کي نتيجي جوڳو بڻائڻ جو مطالبو ڪيو هو، ان معاملي تي اڳڀرائي سٺو سنئوڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته ذميوارن کي جلد انجام تائين پهچايو وڃي، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ مشاورت ڪندي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ڊي ايم قيادت جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان به ان واقعي تي انڪوائري رپورٽ منظر تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو هو.
The post آءِ جي سنڌ واقعي جي جاچ ۾ اڳڀرائي جمهوريت جي فتح آهي: پي ڊي ايم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment